اسلام آباد-20 ڊ??مب?? (اي پي پي) قومي تراني جي خالق ابوالاثر حفيظ جالنڌري جي ورسي 21 ڊ??مب?? تي ملهائي ويندي. ابو الاثر جالندري 14 جنوري 1900ع ۾ پيدا ٿيو ۽ پاڪستان جي آزادي کان پوءِ لاهور منتقل ٿيو. حفيظ جالنڌري ناليوارو شاعر ۽ نثر نگار هو. سندس شاعري مذهبي ۽ حب الوطني ۽ لوڪ گيت?? تي ٻڌل هئي. هن پاڪستان جو قومي ترانو لکي شهرت حاصل ڪئي. عظيم شاعر کي تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ هلال امتياز سان پڻ نوازيو ويو. حفيظ جالنڌري 21 ڊ??مب?? 1982ع ۾ 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ورسي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، خانگي ۽ سماجي تنظيمن جي انتظام هيٺ م??تلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ حفيظ جالنڌري کي ادبي ۽ علمي خدمت?? تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو.