اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان وفاقي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس)، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پنهنجون توانايون ۽ تجربو استعمال ۾ آڻين، سياسي قيادت ۽ بي??روڪريسي کي ملڪ جي مستقبل جو تعين ڪرڻو آهي ان جي لاءِ نئين سوچ ۽ بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس) جي ضرورت آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمر??ن خان تازو ئي ترقي ماڻيندڙ وفاقي سيڪريٽرين ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمر??ن خان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ??يندي چيو ته انهن جي ترقي سندن ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ترقي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون انتهائي فرض شناسي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.