اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪ??بي??ا کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبن سان مشاورت کانپوءِ اڄ اربع ڏينهن فيصلو ڪيو ويندو، پبلڪ ٽرانسپورٽ سان گڏ باقي شعبن کي مرحليوار کوليو ويندو، ڪ??بي??ا ان ڳالهه کي ورجايو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي جارحاڻي ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ حڪومت پاران ڀارت سان سمورين شي?? جي درآمد تي پابندي لڳل آهي جڏهن ته زندگي بچائيندڙ دوائن کي ان پابندي کان ڇوٽ قرار ڏنو ويو آهي، وفاق?? ڪابينا ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ هينڊ سينيٽائيزر ۽ چانور?? جي برآمد، وزيراعظم پاڪستان ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت، اخوت پاڪستان ۽ اخوت يو ايس اي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت، اقليتن بابت قومي ڪميش?? جي نئين سر جوڙجڪ جي باضابطا منظوري ڏني آهي، موجوده صورتحال ۾ مخالف ڌر کي هم آهنگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، مون ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا نيگيٽو آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ وفاق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.