اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌندڙ آبادي تي پنهنجي ڳڻت?? جو اظهار ڪندي فيڊر?? پاپوليشن ٽاسڪ فورس تي زور ڏنو آهي ته اها ٽاسڪ فور?? جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا سان ملاقات جي موقعي تي چئي، ان موقعي تي ٽاسڪ فورس جي ٻن اڳوڻن اجلاسن جي اڳڀرائ?? جو به جائزو ورتو ويو، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آبادي ۾ اضافي جي سماجي ۽ معاشي اثرن جي حوالي سان ع??ام ۾ شعور پيدا ڪندي ان جي موجوده رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.