اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۾ اين سي او سي ۽ احساس پروگرام کي ڪاميابي جا ٻه موثر هٿيار قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان محدود وسيلن ۽ صحت جي ڪمزور نظام جي باوجود جنهن عزم ۽ ثابت قدمي سان ڪورونا جو مقابلو ڪيو اهو سندس بهترين قائداڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمر??ن خان عوام جي جان ۽ روزگار بچائڻ جي متوازن پال??سي اختيار ڪئي آهي.