اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومت جا 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ناڻي واري صلاحڪار اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته مالي سال جو خسارو 9.1 سيڪڙو متوقع هو جيڪو هن وقت 8.1 سيڪڙو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 2 سالن جي عرصي ۾ 17 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي جڏهن حڪومت ملي ته جاري مالياتي خسارو 20 ارب ڊالر تائين پهچي وي?? هو، ٻن سالن دوران روانگي واپار وڌائڻ ۽ غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي جي ??اليسي اختيار ڪئي وئي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا مٽاسٽا جي ??اڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالر مان وڌي 12.5 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا آهن، غريب ۽ پٺتي پيل طبقا وزيراعظم جي دل جي ??يجهو آهن، تعميراتي شعبي جي ??اءِ موجوده حڪومت تاريخي رليف پئڪيج ڏنو جنهن ۾ انهن طبقن جي ضرورتن جو خاص خيال رکيو وي?? آهي، ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي باوجود احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 50 لک غريب خاندانن تائين مڪمل شفاف انداز ۾ مالي امداد پهچائي وئي جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي پڻ ضرورت جي شين تي رعايتي پئڪيج ڏنو وي??، وزيراعظم ڪچي آبادي جي رهواسين کي بي گهر ڪرڻ بدران قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ کوکن جي ح??ال?? سان سي ڊي اي کي پاليسي جوڙڻ جي ??دايت ڪئي آهي، وفاقي ڪابينا اين آءِ آر سي جي چيئرمين جي ??لازمت جي ??دي ۾ ٻن سالن جي ??اڌ ۽ شاهد محمود خان کي پارڪو جو ايم ڊي مقرر ڪرڻ جي ??نظوري ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي ??يجهو آهن، وزيراعظم جي ??دايت تي ناڻي واري صلاحڪار وفاقي ڪابينا کي حڪومت جي ??ن سالن جي ??عاشي ڪارڪردگي ۽ غريب ۽ وچين طبقي جي ??اءِ قدمن جي ح??ال?? سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو وي?? آهي ته حڪومت جي ??وثر ۽ ٺوس ڪوششن جي ڪري اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪوويڊ 19 جي باوجود معاشي انگ اکر بهتر رهيا ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ پورهيت طبقن جي بهتري تي ڌيان ڏنو وي?? ۽ اهوئي سبب آهي جو دنيا ان ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. هن چيو ته بلوم برگ جولاءِ جي ??هيني ۾ پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج کي دنيا جي ??مبر ون اسٽاڪ ايڪسچينج قرار ڏنو آهي جڏهن ته موڊيز به اقتصادي بهتري جي درجابندي ۾ پاڪستاني معيشت کي مستحڪم قرار ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن به غريب ۽ وچين طبقي جو ذڪر اچي ٿو ته وزيراعظم عمران خان چوڪس ٿي وڃي ٿو ڇو ته اهو طبقو وزيراعظم جي دل جي تمام ويجهو آهي. هن چيو ته تعميراتي شعبي جي ??اءِ جيڪو پئڪيج ڏنو وي?? ان ۾ به غريب خاندانن جو خيال رکيو وي?? آهي، تعميراتي شعبي جي بحالي سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن جو پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيندو پر سرگرميون بحال ٿيڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته جهڙي طرح حڪومت ڪورونا وبا تي الله جي ??دد سان ضابطو آندو، ان جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ??لي ۽ دنيا ان حڪمت عملي جا مثال ڏئي رهي آهي.